شاهنواز ٻرڙو

شاهنواز ٻرڙو: ڊاڪٽر شاهنواز ولد شير محمد ٻرڙو پهرين مارچ 1938ع تي گٽهڙ، تعلقي قنبر، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم گٽهڙ، وڳڻ ۽ ڏوڪريءَ جي اسڪولن مان حاصل ڪيائين. هائير سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد مان ورتائين. زولاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي ڪرڻ بعد سنڌ زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. جتي ترقي ڪري 1980ع ۾ پروفيسر جي عهدي تي پهتو. هن ”سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موجود جهنگلي پکين جي جسم جي اندرين ۽ ٻاهرين حصن تي ويهندڙ مفت خور جيتن ۽ ڪيڙن جو جائزو، موسمي تبديليءَ جو اثر، انهن جي سڃاڻپ“ جي عنوان تي 1976ع ۾ مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪئي، جنهن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شجاعت الاڪبر سندس نگران هو. ڊاڪٽر شاهنواز، ايم ايس سي، ايم فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جي پروگرامن ۾ يونيورسٽيءَ جي گائيڊ جي حيثيت سان ڪيترن شاگردن جي رهنمائي ڪري چڪو آهي. هن جي رهنمائيءَ ۾ ڪيترا شاگرد پي. ايڇ. ڊي ڪري چڪا آهن ۽ ڪيترا ڪري رهيا آهن. سائنس جي مختلف موضوعن تي سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون، مقالا، قومي ۽ بين الاقوامي جرنلن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن وقت ايگريڪلچر ڪاليج ڏوڪريءَ جو پرنسپال آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو